عزيز حامد مدني

عزيز حامد مدني

عزيز حامد مدني

عزيز حامد مدني: مشهور اديب، شاعر، نقاد، ترجمي نگار ۽ براڊڪاسٽر عزيز حامد مدني، 15 جون 1922ع تي راءِ پور (انڊيا) ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم راءِ پور، الهه آباد، علي ڳڙهه ۽ ناگپور جي مختلف تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. هن 1934ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. 1943ع ۾ گريجوئيشن ۽ 1947ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ورهاڱي بعد خاندان سميت پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ ايس. ايم. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ٿيو. ريڊيو جي نوڪريءَ دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رهيو. 1973ع ۾ آمريڪا ويو، جتي فيڪلٽي آف ڪميونيڪيشن سيراڪيوز يونيورسٽي آف نيويارڪ ۾ پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ شرڪت ڪيائين. 1982ع ۾ ڪنٽرولر آف هوم سروس جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس لکيل شعري مجموعن ۾ ‘چشم نگران’ (1960ع)، ‘دشت امڪان’ (1962ع) ۽ ‘نخل گمان’ جي نالن سان ڇپيل آهن. ان کان سواءِ سندس ٻين تصنيفن ۾ شيڪسپيئر جا ٻه ڊراما ‘انٿوني’ ۽ ’قلوپطرا’ کي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ کان سواءِ هڪ تنقيدي ڪتاب ‘جديد اردو شاعري’ پڻ شايع ٿيل آهي. هن 23 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پراڻي لياقت آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.06.15  عيسوي

مشهور اديب، شاعر، نقاد، ترجمي نگار ۽ براڊڪاسٽر عزيز حامد مدني، 15 جون 1922ع تي راءِ پور (انڊيا) ۾ ڄائو.


1991.04.23  عيسوي

عزيز حامد مدني 23 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پراڻي لياقت آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيئل اوڏ
پطرس بخاري
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
مختيار سمو
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
ڪاشف حسين سومرو
ڌاريجو علي حسن
غلام حسين مشتاق سچاروي
شيوارام ڦيرواڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون